SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


گورباچوف جو نظريو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


گورباچوف جو نظريو

Gorbachev Doctrine

گاربچوف ڊاڪٽرين

86-1985ع ۾ سوويت روس جي تڏهوڪي صدر ميخائيل گورباچوف سوويت يونين جي معاشي ۽ سياسي طاقت وڌائڻ لاءِ Glasnost (صاف دلي) ۽ Perestroika (بهتر جوڙجڪ) جي بنيادن تي، معاشرتي تبديلون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ”گورباچوف جو نظريو“ (Gorbachev Doctrine) جو نالو ڏنو ويو. عالمي سطح تي ٿيل وسيع وڏن تجربن کان پوءِ، سوويت يونين جي پاليسي ٺاهيندڙن کي اندازو ٿي چڪو هو، ته سپرپاور جي حيثيت ۾ پنهنجي حيثيت برقرار رکڻ ممڪن ناهي، حالانڪه گورباچوف جي حڪومتي دور کان اڳ ’ليونڊ برزنيف‘ جي حڪومت دؤران، سوويت يونين جي سگهاري تعاون جي ڪري ئي آمريڪا کي ويٽنام ۾ شڪست ملي، انگولا، موزمبيق ۽ گني باسو آزاد ٿيا ۽ ايٿيوپيا کي ڪميونسٽ حڪومت نصيب ٿي، ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن ۾ سوشلسٽ انقلاب آيا ۽ افغانستان ۾ سوويت يونين (1979ع) پنهنجي فوج موڪلي مُلڪ تي قبضو ڪيو. ان هوندي به سوويت يونين کاڌ خوراڪ ۽ ڪچي مان جي حوالي سان اوڀر يورپ جو محتاج رهيو. اوڀر يورپ ۾ جڏهن توانائيءَ جو زبردست بحران آيو، ته سوويت يونين لاءِ به پريشاني شروع ٿي. ايٿيوپيا، موزمبيق ۽ انگولا ۾ به انقلاب گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهيا، افغانستان تي قبضو پڻ سوويت يونين جي معاشيات تي بري نموني اثر انداز ٿيڻ لڳو. انهيءَ ڏکي صورتحال دؤران آمريڪا ”اسٽريٽجڪ ڊفينس انيشيئيٽوز“ (SDI) نالي پروگرام شروع ڪيو. اهو SDI دراصل سوويت يونين جي نيوڪليائي هٿيارن جي روڪ ۽ ٽوڙ لاءِ شروع ڪيو ويو. ان جي جواب ۾ گورباچوف، ”انٽرميڊيئٽ رينج نيوڪليائي فورس“ (INF) پروگرام ڏنو. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ 1946ع کان عالمي طاقتن وچ ۾ جيڪا سرد جنگ شروع ٿي هئي، انهيءَ جي ڪري ٻنهي حريفن درميان نيوڪليائي جنگ جو تمام گهڻو خطرو موجود هيو. 1987ع ۾ گورباچوف طرفان واشنگٽن ۾ INF جي خاتمي واري معاهدي تي صحي ڪرڻ سان اهو خطرو ٽري ويو. انهيءَ کان علاوه افغانستان، ڏکڻ آمريڪا ۽ وچ اوڀر جي ملڪن مان سوويت يونين پنهنجي مداخلت ختم ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي. انهيءَ پاليسيءَ جي پوئواريءَ ۾ گورباچوف افغانستان منجهان 1989ع ۾ روسي فوج واپس گهرائي . ٻئي طرف سوويت اتحادي ڪيوبا پڻ انگولا مان فوج واپس گهرائي ۽ نميبيا کي ڏکڻ آفريقي قبضي کان آزادي ڏياري. گورباچوف پنهنجي پرڏيهي معاملن جي وزير ”ايڊورڊ شيوارڊناڊزي“ جي ذريعي اسرائيل، ايراني نار جي مُلڪن ۽ ايران سميت علائقي جي ٻين رياستن سان تعلقات بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سوويت يونين طرفان گورباچوف جي ”صاف دلي“ (Glasnost) ۽ ‘بهتر جوڙجڪ وارن ويچارن ’ (Perestroika) تحت معاشي ۽ سياسي سرگرميون جاري رکيون ويون، پر 1991ع ۾ معاشي تباهيءَ سبب سوويت يونين ٽٽڻ شروع ٿيو. 1917ع کان وٺي تقريبن ستر سالن تائين سوويت يونين ۾ 100 مختلف قومون ڪميونزم جي نظريئي تحت گڏ هيون، پر پوءِ معاشي بحران، مذهبي اختلافن ۽ قومپرستيءَ جي شدت سبب، يونين ۾ شريڪ رياستن جا هڪٻئي سان اختلاف وڌي ويا، جنهن ڪري ڪافي ملڪن سوويت يونين کان علحدگي اختيار ڪرڻ شروع ڪئي. بالٽڪ رياستن (ايسٽونيا، ليٽويا ۽ ليٿونيا) به روس سان الڳ ۽ آزاد ملڪن جي حيثيت مطابق تعلقات رکڻ جو اظهار ڪيو. يوڪرين، بيلارس، مالديويا، آرمينيا، آذربائيجان، جارجيا ۽ مسلمان رياستن (ڪزاخستان، ڪرغزستان، تاجڪستان، ترڪمينستان ۽ اُزبڪستان) سوويت يونين سان الڳ ۽ آزاد رياست طور لاڳاپي جا مطالبا ڪيا. انهيءَ انتشاري ماحول ۽ يونين جي زوالي پُڄاڻيءَ سبب گورباچوف جو نظريو ۽ انهيءَ جا مُک تصور (پيرسٽرائڪا ۽ گلاسناسٽ) ڪامياب نه ٿي سگهيا ۽ گورباچوف جي ڪميونسٽ حُڪومت به ختم ٿي وئي. ان کان پوءِ جمهوريت پسند روسي صدر بورس يلسن، ”ڪامن ويلٿ آف انڊپينڊنٽ اسٽيٽس“ (CIS) جو پروگرام ڏيئي، سوويت يونين ۾ جمهوري قدرن ۽ مارڪيٽ ايڪانامي وارن اصولن تحت عام چونڊن ذريعي اقتدار سنڀاليو. اهڙي طرح گورباچوف جي نظريي کي سندس مُخالف ”هڪ عالمي طاقت جي تباهي“ ۽ سندس حمايتي ”غير معمولي تدبر ۽ عمليت کان وانجهيل، خيالن ۽ بُنيادن تي بيٺل نظريو“ قرار ڏين ٿا


Remember Me Also:

ٿل ٻيڙو ملڻ

پير کُرُ هٿ اچڻ ، پتو پوڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal